دبئي (م ڊ)ڀارت ايشيا ڪپ جو ٻيو مقابلو به آساني سان پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي کٽي ورتو. 7 بال باقي هئا ته شاهين آفريدي کي ٽلڪ شرما ٻه وڏا شاٽ هڻي ميچ کٽي ورتي.شاهين آفريدي 3.5 اوورن ۾ بنا وڪيٽ 40 رنز ڏنيون. ابرار 42، حارث رئوف 26، فهيم اشرف 31 ۽ صائم ايوب 35 رنز ڏنيون. محمد نواز کان بالنگ نه ڪرائي وئي، ۽ حسن نواز کي ڊراپ ڪرڻ تي به حيراني ظاهر ڪئي وئي. پاڪستان سپر فور مرحلي ۾ ٻه ميچ ٻيا کيڏندو، 23 سيپٽمبر تي سريلنڪا ۽ 25 سيپٽمبر تي بنگلاديش سان ميچ آهن، جيڪڏهن اهي ٻئي ميچ پاڪستان کٽيا ته فائينل کيڏڻ جو اڃا به چانس آهي، پر هڪ به ميچ هارائڻ جي صورت ۾ آئوٽ ٿي ويندو. بنگلاديش سپر فور مرحلي جو پهريون ميچ کٽي چڪو آهي. 172 رنز جي ٽارگيٽ لاءِ اڀيشڪ شرما ۽ شبمن گل اننگ شروع ڪئي ۽ ٻنهي اوپنرز بهترين اسٽارٽ فراهم ڪيو، 105 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ شبمن گل جي صورت ۾ پاڪستان کي 10 هين اوور ۾ ملي، هن 47 رنز ٺاهي فهيم اشرف جهٿان بولڊ ٿيو. ٻيو اوپنر اڀيشڪ شرما 39 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 74 رنز ٺاهي ابرار احمد جي بال تي حارث رئوف هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڪپتان سوريا ڪمار ياديو زيرو تي حارث رئوف جي بال تي ابرار هٿان ڪيچ ٿيو. ڪيپر سنجو سيمپسن کي حارث رئوف 13 رنز تي بولڊ ڪيو. جنهن بعد تلڪ شرما جو ساٿ ڏيڻ هاردڪ پانڊي آيو.تيسين ميچ تي انڊيا جي گرپ ٿي چڪي هئي. آخري 15 بالن تي 12 رنز گهربل هيون. يشيا ڪپ ٽي 20 جي سپر فور مرحلي جي ٻئي ميچ ۾، ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورن ۾ 171 رنز اسڪور ڪيون. صاحبزاده فرحان واحد ففٽي ڪئي جنهن ٽن ڇڪن 5 چوڪن جي مدد سان 45 بالن تي 58 رنز اسڪور ڪري شيوام ڊوبي جا بال تي سورياڪمار هٿان ڪيچ ٿيو. يون. هن سان گڏ اننگ شروع ڪندڙ فخر الزمان 3 چوڪا هڻي 9 بالن تي 15 رنز ٺاهي هاردڪ پانڊي جي بال تي ڪيپرسنجو سيمسن هٿان ڪيچ ٿيو، ويڊيو ۾ واضح نظر اچي رهيو آهي ته بال اڳ ۾ زمين تي ٽپو کا؟ي پوءِ ڪيپر جي گلووز ۾ ويو پر پوءِ به کيس آئوٽ ڏنو ويو. ون ڊائون آيل صائم ايوب 17 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 21 رنز ٺاهي شيوام ڊوبي جي بال تي اڀيشڪ هٿان ڪيچ ٿيو. حسين طلعن بنا ڪا وڏي شاٽ کيڏڻ جي 11 بالن تي 10 رنز ٺاهي ڪلديپ نير جي بال تي ورون چڪرورتي هٿان ڪيچ ٿيومحمد نواز هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 19 بالن تي 21 رنز ٺاهي چڪرورتي جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. ڪپتان سلمان آغا هڪ ڇڪي جي مدد سان 13 بالن تي 17 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته آخر ۾ فهيم اشرف 8 بالن تي 2 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هڻي 20 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. جسپريت بومرا 4 اوورن ۾ 45 رنز، هاردڪ پانڊي 3 اوورن ۾ 29، ڪلديپ نير 4 اوورن ۾ 31، اڪثر پٽيل هڪ اوور ۾ 8، ڊوبي 4 اوورن ۾ 33 ۽ ورن چڪرورتي 4 اوورن ۾ 25 رنز ڏنيون. ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ اڄ دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اينڊي پائيڪرافٽ ميچ ريفري هوندو.هٿ ملائڻ جي تڪرار ۽ ميچ کان پوءِ ڀارتي ڪپتان سوريه ڪمار ياديو جي سياسي بيان سبب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي.ياد رهي ته گروپ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
Sign in
Sign in
Recover your password.
A password will be e-mailed to you.