غزا ۾ سخت سيءَ سبب بنيادي سهولتون ختم ٿي ويون آهن، شديد سرديءَ ڪري هڪ نينگري جان وڃائي ويٺي۔
غزا ۾ سخت سردي فلسطيني ماڻهن جي زندگين کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ اسرائيلي پابندين سبب امدادي سامان جي پهچ بند ٿي وئي آهي۔
غزا ۾ سخت سيءَ دوران بنيادي سهولتون ناپيد آهن، ٻار سرديءَ ۾ ڪنبڻ لڳا آهن، النصيرات ڪيمپ ۾ شديد سرديءَ سبب هڪ نينگري فوت ٿي وئي۔
ٻئي پاسي اولهه ڪناري جي شهر نابلس ۾ اسرائيل سرد رات دوران ڪيترن فلسطيني ماڻهن کي گهرن مان بي دخل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اتر غزا ۾ اسرائيلي فوج هڪ فلسطيني ٻار کي شهيد ڪيو۔
هوڏانهن هالي ووڊ جي اداڪارا اينجلينا جولي مصر سان لڳ غزا جي رفح سرحد تي پهتي، جتي هن فلسطيني ماڻهن لاءِ امدادي سامان ۽ سهولتن جي فراهمي بابت ڄاڻ ورتي۔
اينجلينا جولي دوري دوران مقامي اسپتال جو به دورو ڪيو، جتي هن زخمي فلسطيني ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ مقامي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي۔