پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي چين جي دوري دوران اهم ملاقاتون ڪيون آهن. بيجنگ ۾، ٻنهي ملڪن چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي نئين سطح تي وٺي وڃڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي ستين دور جي اعلان ۾ پاڪ-چين دوستي کي خطي جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي ستين دور جو اعلان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪ-چين دوستي کي خطي جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪ-چين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي گڏيل صدارت ڪئي.