Daily Sindh Best
News Paper and Media

ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ گروٿ گهٽبي ۽ مهانگائي وڌندي، عالمي بئنڪ

0

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ هن مالي سال جي واڌ جي اڳڪٿي کي اڌ سيڪڙو گهٽائي 2.6 سيڪڙو ڪري ڇڏيو، ڇو⁠ته تازي ٻوڏ ملڪ جي معيشت تي وڏو منفي اثر وڌو آهي، جنهن سبب مهانگائي به 7.2 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. واشنگٽن ۾ قائم عالمي بئنڪ پنهنجي “مڊل ايسٽ، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان (MENAAP) علائقي جي معاشي جائزي” ۾ اهڙو امڪان ظاهر ڪيو آهي. رپورٽ موجب“مالي سال 2025-26 ۾ حقيقي مجموعي قومي پيداواري واڌ (GDP Growth) لڳ ڀڳ 2.6 سيڪڙو رهڻ جي توقع آهي، ڇو⁠ته جاري تباهه ڪن ٻوڏن اڳڪٿي مٽائڻ تي مجبور ڪيو آهي.” ان کان اڳ اپريل 2025 ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 3.1 سيڪڙو واڌ جي اڳڪٿي ڪئي هئي. پاڪستان حڪومت جو حدف 4.2 سيڪڙو رکيل هو، جڏهن⁠ته IMF سان ڳالهين ۾ 3.5 سيڪڙو واڌ جو انگ تجويز ڪيو پئي ويو. بيان موجب: “ابتدائي اندازن مطابق پنجاب ۾ زرعي پيداوار گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو گهٽجڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ اهم فصل جهڙوڪ چانور، ڪمند، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ مڪئي متاثر ٿيندا.” “مالي سال 2026-27 ۾ واڌ 3.4 سيڪڙو تائين وڌڻ جي اميد آهي، جيڪا زرعي پيداوار ۾ اضافي، گهٽ مهانگائي، گهٽ شرحن ۽ صارفين ۽ ڪاروباري اعتماد جي بحالي سان سهارو حاصل ڪندي.”

Leave A Reply

Your email address will not be published.