Daily Sindh Best
News Paper and Media

پاڪ فوج جو اورڪزئي ۾ آپريشن ڀارتي حمايت يافته 19 دهشتگرد مارجي ويا، ليفٽيننٽ ڪرنل، ميجر سميت 11 جوان شهيد

0

راولپنڊي: (م ڊ) اورڪزئي ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڳجهي ڄاڻ تي آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته 19 خوارج دهشتگرد مارجي ويا.  جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب 7 ۽ 8 آڪٽوبر 2025 جي رات سيڪيورٽي فورسز ضلعي اورڪزئي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي هڪ آپريشن ڪيو، جتي ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنته الخوارج جي موجودگي جي اطلاع هئي.

آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز جي موثر ۽ وقت تي ڪارروائي سان 19 ڀارتي حمايت يافته خوارج مارجي ويا، پر شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل جنيد عارف ۽ ان جو نائب ميجر طيب راحمت جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻي.

شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪنرل جنيد عارف راولپنڊي جو رهواسي ۽  سندس عمر 39 سال هئي جڏهن ته سندس نائب ميجر طيب راحت به راولپنڊي جو رهواسي هو جنهن جي عمر 33 سال هئي. ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سان گڏ وڌيڪ 9 سپاهي به ملڪ تي قربان ٿي ويا.

شهيدن ۾ نائب صوبيدار اعظم گل(خيبر) نائيڪ عادل حسين(ڪرم) نائيڪ گل امير(ٽانڪ) لانس نائيڪ شير خان(مردان)، لانس نائيڪ طالش فراز(مانسهره) لانس نائيڪ ارشاد حسين(ڪرم) سپاهي طفيل خان(مالاڪنڊ) سپاهي عاقب علي(صوابي) ۽ سپاهي محمد زاهد(ٽانڪ) شامل آهن.

سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائزيشن آپريشن جاي آهي ته جيئن ڪنهن به لڪل دهشتگرد کي آخري انجام تائين پهچائي سگهجي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

وزيراعظم شهباز شريف ضلعي اورڪزئي ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ ڀاري حمايت يافته فتنته الخوارج جي 19 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو جڏهن ته ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف ۽ ميجر طيب راحت سميت پاڪ فوج جي سپاهين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ ورثن جي صبر جي دعا ڪئي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اورڪزئي ۾ 19 ڀارتي  دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي. هن دهشتگردن جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد، ميجر طيب ۽ 9 جوانن کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.