Daily Sindh Best
News Paper and Media

پاڪستان سميت ٻين ملڪن غزه ۾ پنهنجا فوجي جٿا موڪلڻ بابت ڪجهه سوال ڪيا آهن: آمريڪا

7

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي پرڏيهي پاڪستان سميت ٻين ملڪن غزه ۾ پنهنجا فوجي جٿا موڪلڻ بابت ڪجهه سوال ڪيا آهن وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته پاڪستان سميت ٻين ملڪن غزه ۾ پنهنجا فوجي جٿا موڪلڻ بابت ڪجهه سوال ڪيا آهن، ۽ انهن سوالن کان پوءِ غزه ڏانهن فوجي جٿا موڪلڻ تي ويچار ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، جنهن تي آمريڪا پاڪستان جو ٿورائتو آهي۔ آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ ٿيل صحافتي گڏجاڻي دوران مارڪو روبيو کان پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان آمريڪا کي پنهنجي راضپي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو غزه ۾ امن ۽ سڪون قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجا فوجي جٿا موڪليندو؟ ان جي جواب ۾ مارڪو روبيو چيو ته اسان پاڪستان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون، جنهن غزه امن رٿا جو حصو بڻجڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ان تي ويچار ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي۔ مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته سندس خيال ۾ پاڪستان سميت ٻيا ملڪ اڃا ڪجهه سوالن جا جواب چاهين ٿا، ۽ انهن کان پوءِ ئي اسان ڪنهن ملڪ کي چئي سگهنداسين ته هو غزه امن رٿا لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪري۔ هن چيو ته پر مون کي پڪو يقين آهي ته اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن، جيڪي هن تڪرار ۾ شامل هر ڌر لاءِ قبوليت رکن ٿا، ۽ جيڪي اڳتي وڌي غزه استحڪام فورس جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.