پاڪستاني اداڪار دُودي خان پاران ڀارتي اداڪارا راکهي ساونت سان شادي کان انڪار کان پوءِ، مفتي قوي شادي لاءِ مشروط آمادگي ظاهر ڪري ڇڏي۔
هڪ پوڊڪاسٽ دوران، خاتون پوڊڪاسٽر چيو ته راکهي ساونت جو چوڻ هو ته هوءَ ڪنهن پاڪستاني مولوي سان شادي ڪندي، ڇا توهان انهن سان شادي ڪرڻ جا خواهشمند آهيو؟
ان تي مفتي قوي جواب ڏنو ته هو حاضر آهن، پر هو هڪ سوال ڪندا ته متان راکهي ساونت اڳ ۾ ئي ڪنهن جي نڪاح ۾ ته نه آهي؟
ان موقعي تي مفتي قوي اهو به چيو ته هو هڪ شرط تي راکهي ساونت سان شادي ڪندا، جيڪڏهن انهن جي والده ان جي اجازت ڏيندي۔