آسٽريليا ۾ جاري بگ بیش ليگ دوران سڊني سکسرز جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستان ٽيم جي اسٽار بيٽر بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شائستگي ۽ اخلاق سان مداحن جا دل جتيتيا.
بابر اعظم هڪ ننڍڙي فئن کي خاص تحفو ڏنو، جنهن تي ٻار خوشيءَ ۾ جھوميو.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته سڊني سکسرز جي جرسي ۾ بابر اعظم پنهنجي ڪِٽ بيگز سان گڏ ميدان کان ٻاهر موجود آهن.
ان دوران هڪ ننڍڙو فئن بابر جي ويجهو اچي ٿو، ۽ ٻار سان وڊيو ٺاهڻ وارو شخص اسٽار بيٽر کان ٻار لاءِ ڪجهه صلاح وٺندو آهي.