Daily Sindh Best
News Paper and Media

وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ کي وري ڳالهين جي آڇ

4

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جو باني ۽ سندس ساٿي ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، مان اڳ به پي ٽي آءِ قيادت کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهيان.
هن چيو ته اسيمبلي فلور تي به پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي، هاڻي ٻيهر به ڳالهين جي دعوت ڏيان ٿو، پر رڳو جائز مطالبن تي ئي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ڳالهين جي آڙ ۾ بليڪ ميلنگ نه هلندي.
وزيراعظم چيو ته ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياسي جماعتن ۾ هم آهنگي هجڻ گهرجي، ملڪ کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت پاڪستان ان لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.