Daily Sindh Best
News Paper and Media

 هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.09 سيڪڙو جي معمولي گهٽتائي ٿي

6

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.09 سيڪڙو جي معمولي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته سالياني بنيادن تي مجموعي مهانگائي جي شرح 2.83 سيڪڙو تي اچي وئي.شماريات بيورو هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪئي، جنهن مطابق هڪ هفتي ۾ 13 ضروري شين جون قيمتون وڌيون ۽ 11 شيون سستيون ٿيون، جڏهن ته 27 جون قيمتون مستحڪم رهيون.تازي هفتي ۾ پيٺل مرچن جي قيمت 6.26 سيڪڙو، ڪڪڙ 5.29 سيڪڙو ۽ ڪيلي جي قيمت 2.46 سيڪڙو مهانگا ٿيا،شماريات بيورو جي هفتيوار رپورٽ موجب، پهرين ٽه ماهي لاءِ بجلي جي چارجز ۾ 1.67 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ بجلي جي چارجز 6 رپين کان وڌي 6.10 رپيا في يونٽ ٿي ويا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.