نئون ديرو: (رپورٽر) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جو دورو ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڏني.آصفه ڀٽو زرداري شهيدن جي ابدي سڪون لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا گهري.آصفه ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد مير شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي گل به رکيا.
Sign in
Sign in
Recover your password.
A password will be e-mailed to you.