Daily Sindh Best
News Paper and Media

سڄي سال وزيراعظم سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو: بئريسٽر گوهر

4

اسلام آ باد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته اهم ڳالهين جي عمل کي ايترو هلڪو نه وٺڻ گهرجي.پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته گذريل 10 ڏينهن يا سڄي سال ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ڪو به رابطو نه ٿيو آهي.بئريسٽر گوهر چيو ته مان هميشه ڳالهين جي حق ۾ رهيو آهيان، پر هي آپشن صرف اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر وٽ آهي، اسان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان سان رابطو ڪيو ويو يا جيڪڏهن اسان ڪو رابطو ڪيو ته اسان عوام کي ضرور آگاهه ڪنداسين. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مان سڀني کي درخواست ڪندس ته ڳالهيون هڪ اهم معاملو آهن، ڳالهين تي بي مقصد ڳالهيون نه ڪريو ته جيئن صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.