Daily Sindh Best
News Paper and Media

مختلف معاملن تي’ٺوس ڳالهيون،‘ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

6

اسلام آباد(رپورٽر)پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جمعي ڏينهن “معنيٰ خيز ڳالهه ٻولهه” ڪئي، جنهن جو مرڪز ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. هي ڳالهه صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي ملڪ جي پهرين سرڪاري دوري جي پڄاڻيءَ بعد جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي.
هي هن سال اماراتي صدر جو پاڪستان ڏانهن ٻيو دورو هو؛ ان کان اڳ هو جنوري ۾ رحيم يار خان ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري چڪو هو. پر پرڏيهي آفيس موجب، جمعي وارو دورو صدر جي حيثيت ۾ سندس پهريون سرڪاري دورو هو.
ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ويجهي رابطي ۽ هم آهنگي جاري رکڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو ۽ اهم علائقائي ۽ بين الاقوامي حالتن بابت خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي.
سنڌيار کي سفارتي ذريعن کان مليل ڄان موجب غزا ۾ فوج موڪلڻ بابت پڻ مختلف تجويزن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جو بيان م ذڪر ناهي.
بيان ۾ چيو ويو ته ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي، “ٻنهي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ويجهي سهڪار سان ڪم جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو”.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته “شيخ محمد بن زايد آل نهيان جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ گهري ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ سندن اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي نئين سگهه ڏيندو”.

Leave A Reply

Your email address will not be published.