Daily Sindh Best
News Paper and Media

يوٽيوبر رجب بٽ تي وڪيلن جو حملو، سخت زخمي

5

ڪراچي ۾، مشهور يوٽيوبر رجب بٽ تي شهر جي عدالت ۾ پيشي دوران وڪيلن پاران حملو ڪيو ويو.

رجب بٽ خلاف توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن تحت کيس سومر تي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو.

تشدد جي ڪري، رجب بٽ جي جبڙي ۽ وات مان رت وهڻ لڳو.

وڪيلن ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ نديم نانيوال تي به تشدد ڪيو.

تشدد دوران رجب بٽ ۽ نديم ناني والا جا ڪپڙا ڦاڙيا ويا.

وڪيلن جو چوڻ آهي ته رجب بٽ وڊيو ۾ وڪيلن سان بدسلوڪي ڪئي.

رجب بٽ جو وڪيل، ميان اشفاق، جيڪو لاهور کان آيو هو، رجب بٽ کي ڪراچي بار ۾ گهلي وٺي ويو.

ملزم جي وڪيل موجب، رجب بٽ کان واعدو ڪيو ويو هو ته هو مستقبل ۾ اهڙيون حرڪتون نه ڪندو.

ان دوران، عدالت رجب بٽ جي عبوري ضمانت ۾ 13 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.