Daily Sindh Best
News Paper and Media

آسٽريلوي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عثمان خواجه انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

5

آسٽريلوي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عثمان خواجه انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

عثمان خواجه سڊني ۾ ايشيز سيريز جو گلابي ٽيسٽ کيڏڻ کان پوءِ رٽائر ٿي ويندو. سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ڊيبيو ڪندڙ عثمان خواجه پنهنجو 88 هون ٽيسٽ کيڏڻ کان پوءِ رٽائر ٿي ويندو.

39 سالن جي عثمان خواجه 2011 ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو ۽ 15 سالن جي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 6000 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون آهن.

عثمان خواجه عثمان خواجه فائونڊيشن ذريعي ميدان کان ٻاهر هڪ ورثو ڇڏي ويو، هو آسٽريليا جو پهريون پاڪستاني ڄاول ۽ پهريون مسلمان ٽيسٽ ڪرڪيٽر آهي.

عثمان کي 2023 ۾ آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر ۽ شين وارن کي ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو. هو 2023 ۾ آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپئن شپ کٽيندڙ آسٽريلوي ٽيم جو به حصو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.