ڀارت (م ڊ) ڪيرالا ۾ ٻار جي برياني لاءِ فرمائش، حڪومت اسڪول مينيو تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ڀارتي رياست ڪيرالا جي هڪ ٻار سرڪاري سرپرستي هيٺ هلندڙ چائلڊ ايجوڪيشن سينٽر (آنگن واڊي) ۾ برياني ڏيڻ جي فرمائش ڪئي، جنهن بعد حڪومت مينيو تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڀارتي نشرياتي اداري ‘اين ڊي ٽي وي’ موجب، رياستي وزير تعليم، صحت ۽ ٻارن، وينا جارج، جڏهن انهيءَ ٻار جي وڊيو وائرل ٿي، ته اعلان ڪيو ته چائلڊ ايجوڪيشن اينڊ نيوٽريشن سينٽرز ۾ ٻارن کي فراهم ٿيندڙ خوراڪ جو مينيو تبديل ڪيو ويندو. رياستي خاتون وزير بچي جي وڊيو پنهنجي فيس بڪ تي شيئر ڪندي اعلان ڪيو ته آنگن واڊي سينٽرز جو مينيو تبديل ڪيو ويندو ته جيئن ٻارن جون خواهشون پوريون ٿي سگهن.
Sign in
Sign in
Recover your password.
A password will be e-mailed to you.