ڪراچي (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ سولينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي احتجاج سبب متاثر ٿي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ملٽري ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد ۾ وڪيلن جي احتجاج سبب فوجي عدالتن مان سزا يافته ملزمن جو وڪيل سلمان اڪرم راجا سميت ٻيا وڪيل سپريم ڪورٽ نه پهچي سگهيا. وڪيل رانا وقار عدالت کي آگاهي ڏني ته سلمان اڪرم راجا ٽريفڪ ۾ ڦاٿل آهي، جنهن تي جسٽس مندوخيل ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته، “اڄ خبر هئي ته رستا بند آهن ته وقت تي نڪري اچن ها، شايد اهي چاهين ٿا ته ملزم جيلن ۾ سڙندا رهن، جيڪڏهن ڪيس نه هلائڻ چاهين ٿا ته سندن مرضي آهي.” جسٽس امين الدين عدالت عملي کان پڇيو ته ڇا ٻئي ڪنهن به ڌر جو ڪو وڪيل موجود آهي؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو، نه ئي وڊيو لنڪ تي ڪو وڪيل موجود آهي. ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ڪيسن بابت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
Sign in
Sign in
Recover your password.
A password will be e-mailed to you.