Daily Sindh Best
News Paper and Media

تيز برسات سبب دبئي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هوائي آپريشن متاثر

5

ڪراچي (بيورو رپورٽ)تيز برسات سبب دبئي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيو، فلائيٽ شيڊول موجب دبئي ۽ شارجه کان پاڪستان جي مختلف هوائي اڏن تان 18 پروازون رد ڪيون ويون آهن، فلائيٽ شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته دبئي کان ڪراچي تائين پرڏيهي ايئر لائنز جون 2 پروازون رد ڪيون ويون آهن، فيصل آباد کان دبئي تائين 2 پروازون، لاهور کان دبئي تائين 3 پروازون، پشاور کان دبئي تائين 6 پروازون، ۽ اسلام آباد کان دبئي تائين 2 پروازون رد ڪيون ويون آهن.فلائيٽ شيڊول موجب، ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تان 67 پروازن جي آمد ۽ روانگي ۾ دير ٿي آهي.فلائيٽ شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته لاهور کان 16، ڪراچي کان 12، اسلام آباد کان 21، ۽ ملتان ايئرپورٽ کان 8 پروازون دير سان آهن. فلائيٽ شيڊول موجب، سيالڪوٽ کان 2، پشاور کان 4، اسڪردو کان 2 ۽ ڪوئيٽا کان 2 پروازون به پنهنجي آمد ۽ روانگي ۾ دير سان آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.