Daily Sindh Best
News Paper and Media

گم ٿيلن جي خاندانن لاءِ 4.77 ارب رپين جي مالي مدد جي منظوري

7

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪميٽي گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن کي مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت بريفنگ ڏيندي چيو ته دانش اسڪولن جي قيام ۽ نوجوانن جي مهارت جي ترقي جي پروگرام لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ 5.76 ارب رپيا منظور ڪيا ويا آهن.اي سي سي دانش اسڪولن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه ۽ پي ٽي ڊي سي ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ اضافي بجيٽ جي منظوري پڻ ڏني آهي.ناڻي واري وزارت وڌيڪ چيو ته اي سي سي پي ٽي ڊي سي کي هڪ جامع ڪاروباري منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته اي سي سي پنکڙي جي متبادل پروگرام جي ضابطن ۾ تبديلين جي منظوري ڏني آهي.ناڻي واري وزارت موجب، نئون طريقو بجلي جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ هوندو، ڊسڪوز جي مالي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 200 ارب رپيا منظور ڪيا ويا آهن، بجلي جي منصوبن لاءِ 6.35 ارب رپيا منظور ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه، گم ٿيل ماڻهن جي 945 خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ 4.77 ارب رپيا منظور ڪيا ويا آهن، ايف سي بلوچستان ۽ رينجرز جي هيلي ڪاپٽرن جي مرمت لاءِ فنڊ ۽ پارليامينٽ ميمبرن لاءِ 104 نوان فيملي سوئيٽس جي تعمير جي به منظوري ڏني وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.