Daily Sindh Best
News Paper and Media

سوئٽزرلينڊ: بار ۾ باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ 47 ٿي ويو، باهه لڳڻ جو سبب سامهون اچي ويو

6

سوئٽزرلينڊ جي اسڪي ريزورٽ شهر جي هڪ بار ۾ باهه لڳڻ سبب درجنين ماڻهو مارجي ويا آهن۔

پرڏيهي ميڊيا موجب نئين سال جي رات سوئٽزرلينڊ جي اسڪي ريزورٽ شهر جي هڪ بار ۾ باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 47 ماڻهو فوت ٿي ويا۔

ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعي سبب 115 ماڻهو زخمي به ٿيا، جن کي ترت طبي سهائتا فراهم ڪئي پئي وڃي۔

وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هي حادثو نئين سال جي تقريب دوران پيش آيو، جڏهن ته سوئس عملدارن موجب متاثرن ۾ پرڏيهي شهري به شامل آهن۔ ان حوالي سان فرانس جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ اسان جا 8 شهري لاپتا آهن۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.