سانگھڙ عدالت قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاسي ۽ پنجاهه، پنجاهه لک روپيا ڏنڊ، اسلحو برآمدگي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي ڏهه سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي
سانگھڙ رپورٽ: غلام مرتضيٰ آرائين
سانگھڙ:
سانگھڙ جي عدالت هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. قتل ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ڦاسي ۽ پنجاهه، پنجاهه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته اسلحو برآمدگي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي ڏهه سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي وئي.
تفصيل موجب فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج سانگھڙ جناب غلام قادر تنيو جي عدالت هڪ اهم ۽ تاريخي فيصلو ٻڌائيندي قتل جي مقدمي ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاسي ۽ ڀاري ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت ڪيس جرم نمبر 43/2023، دفعو 302 پاڪستان پينل ڪوڊ، پوليس اسٽيشن پيرومل ۾ فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو ته استغاثه جوابدارن راشد چانڊيو ۽ ڪاشف چانڊيو خلاف مقتول ظفر علي مري جي قتل جو الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
عدالت ٻنهي جوابدارن کي ڦاسي ۽ پنجاهه، پنجاهه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
اسلحو برآمدگي ڪيس بابت عدالت قتل ۾ استعمال ٿيل پستول جي حوالي سان داخل ڪيل ڪيس جرم نمبر 44/2023، دفعو 24 سنڌ آرمز ايڪٽ تحت جوابدار راشد چانڊيو کي ڏوهاري قرار ڏيندي ڏهه سال قيد بامشقت ۽ پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.هن اهم مقدمي جي مڪمل، اثرائتي ۽ قانوني گهرجن موجب پيروي سرڪاري وڪيل حسن علي لسڪاڻي ڪئي، جنهن مضبوط شاهدن، گواهن جي بيانن ۽ قانوني نڪتن ذريعي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو.
مقدمي جي فريادي فقير اعجاز مري فيصلي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته:“مان معزز عدالت جو دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان، جنهن حق ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلو ڏنو. اڄ مون کي يقين ٿي ويو آهي ته مظلوم کي آخرڪار انصاف ملي ٿو. هي فيصلو اسان جي عدالتي نظام تي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.”عدالتي فيصلي تي شهر ڀر ۾ عوامي حلقن پاران اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ويو. شهرين فيصلي کي انصاف جي فتح قرار ڏيندي چيو ته اهڙا فيصلا ڏوهن جي خاتمي ۽ سماج ۾ قانون جي بالادستي لاءِ انتهائي ضروري آهن.ڪيس جي جاچ ۾ شامل پوليس آفيسرن قمرالدين چنه ۽ قاسم ڪلهوڙو جي پيشاورانه صلاحيتن ۽ انتھڪ محنت کي پڻ ساراهيو ويو. انهن آفيسرن شاهد گڏ ڪرڻ، جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن سبب عدالت کي شفاف فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ملي.