Daily Sindh Best
News Paper and Media

فريدآباد ۾ ٻوڏ متاثر جو احتجاج، سرسو جي انجنيئر ۽ بينڪ مئنيجر تي گھر سروي جي پيسن ۾ فراڊ جا الزام

4

فريدآباد رپورٽ معشوق چانڊيو
ٻوڏ متاثر جون سماجي تنظيم سرسو جي انجنيئر ۽ بينڪ منيئجر خلاف احتجاج
سرسو جي آفيسن ۽ بيئڪن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آھيان پر گھر سروي جا پيسا نٿا ڏنا وڃڻ , ھن ڊي سي قمبر شھداد ڪوٽ , وزير اعلي سنڌ اپيل ٿو ڪيان گھر سروي جا پيسا ڏئي انصاف ڪيو وڃي
خبرموجب وارھ تعلقي جي ڳوٺ ڳھڻو ڏيرو جي رھواسي ٻوڏ متاثر محمد عسي ڏيرو نيشنل پريس ڪلب فريدآباد پھچي احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته 2022 واري ٻوڏ ۾ گھر سروي جا پيسا 75 ھزار آيا جنهن تي سرسو جي انجنيئير سارنگ سومرو فارم تي صحيحيون ورتيون ۽ الائيٽيڊ بينڪ نصيرآباد ۾ اڪائونٽ به کولرايو ويو جڏهن بئيڪ تان آيل قسط جا پيسا وٺڻ ويس ته بئيڪ مئنيجر اھو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته توھان پيسن جون 4 ئي قسطون وٺي ويا آھيو ھن چيو ته مان ھڪ روپيو به ناھي ورتو مان غريب مسڪين آھيان ڳرا ڀاڙا ڪرايا ڀري بيئڪن ۽ سرسو جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آھيا پر مونکي پيسا نٿا ڏنا وڃن گذريل 4 سالن کان کليل آسمان ھيٺ ويٺو آھيان ھن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ , ڊي سي قمبر شھداد ڪوٽ , سرسو جي پروجيڪٽ مئنيجر ۽ الائيٽيڊ بينڪ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ۽ اپيل ڪئي ته گھر سروي جي فراڊ ٿيل پيسن جي جاچ ڪري ڪرپشن ڪندڙ سرسو جي انجنيئر ۽ ٻين آفسيرن خلاف ڪاروائي ڪري گھر سروي جا سمورا پيسا ڏنا وڃن جئين مان پنهنجي ٻچن لاء اجھو ٺاھي سگھان

Leave A Reply

Your email address will not be published.