Daily Sindh Best
News Paper and Media

ڪنري ڀرسان ڳوٺ سنجر خان رند ۾ مولا علي عليه السلام جي ولادت جو جشن شان سان ملهايو ويو

10

ڪنرى (رپورٹ فدا حسين حيدري) ڪنري جي ڀرپاسي واري ڳوٺ سنجر خان رند ۾ نوراني ظهور، مولودِ ڪعبه مولا علي عليه السلام جي باسعادت ولادت جي خوشي ۾ جشن وڏي شان سان ملهايو ويو، جنهن جو اعلامہ فرمان علي معصومي.تقريب کي علامه حيدر عباس خطاب ڪيو، جنهن تقرير ۾ مولا علي عليه السلام جي شان ۽ عظمت بيان ڪئي. جشن دوران قصيده خوانن مولا علي عليه السلام جي شان ۾ قصيدا پڙهيا.
تقريب ۾ وڏي انگ ۾ مؤمنن شرڪت ڪئي. هن موقعي تي ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ مٺايون به ورهايون ويون. هر طرف خوشين ۽ جشن جو ماحول نظر اچي رهيو هو۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.