قرآن پاڪ جي رهنمائي تي هلندي ئي انسان حقيقي معنيٰ ۾ زنده، باوقار ۽ مقصد ڀري زندگي گذاري سگهي ٿو: سيد غلام حيدر شاهه
ڪنری(رپور فداحسين حيدري)
انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر پاڪستان جي سرواڻ سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندريءَ چيو آهي ته، قرآن پاڪ جي رهنمائي تي هلندي ئي انسان حقيقي معنيٰ ۾ زنده، باوقار ۽ مقصد ڀري زندگي گذاري سگهي ٿو، قرآن پاڪ جي تعليمات موجب حقيقي زنده رهڻ جو مفهوم اها زندگي آهي جيڪا الله تعاليٰ جي ياد سان جڙيل هجي، اهڙي زندگي انسان جي دل ۾ سڪون، اميد ۽ صبر پيدا ڪري ٿي، جيڪا هر قسم جي مشڪلاتن ۽ آزمائشن ۾ حوصلا ۽ ثابت قدمي عطا ڪري ٿي. اها ڳالهه سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري، انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر پاڪستان پاران ڳوٺ ڊاڪٽر محمد عمر رند لڳ نبي سر روڊ ۾ جديد دور ۾ زنده رهڻ جو سليقو جي عنوان تحت منعقد ڪيل محفل هديه ڪثرت درود پاڪ جي پروگرام دوران پنهنجي روحاني ۽ اصلاحي خطاب دوران ڪئي، سائين وڌيڪ چيو ته، اسلامي تعليمات انسان کي غفلت کان بچي جاڳرتا اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪن ٿيون، ته جيئن دل زنده رهي. عبادت ۽ نماز دل کي حياتي بخشين ٿيون ۽ انسان کي الله تعاليٰ سان مضبوط تعلق ۾ رکڻ جو ذريعو بڻجن ٿيون. نيڪ عمل ۽ سٺو اخلاق اختيار ڪرڻ سان فرد جي ڪردار ۾ خوبصورتي ۽ سماج ۾ بهتري پيدا ٿئي ٿي. انسان لاءِ ضروري آهي ته هو حق ۽ انصاف لاءِ بيهي، ڇو ته اهو ئي باوقار زندگي جو بنياد آهي. اسلام ذلت واري زندگي بدران عزت، وقار ۽ اصولن تي ٻڌل زندگي چونڊڻ جي تعليم ڏئي ٿو، جيڪا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ ڪاميابي جو سبب بڻجي ٿي. سائين وڌيڪ چيو ته، تقويٰ اختيار ڪرڻ ۽ آخرت جي تياري هر مؤمن جي زندگي جو بنيادي مقصد هئڻ گهرجي. روزانو خود احتسابي انسان کي پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ ۽ سڌاري طرف وڌڻ جو موقعو ڏئي ٿي. قناعت اختيار ڪرڻ ۽ وقت جي قدر سڃاڻڻ انسان کي منظم، باوقار ۽ مقصد ڀري زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جيڪا دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ ڪاميابي جو ذريعو بڻجي ٿي. سائين وڌيڪ چيو ته، اسلامي تعليمات موجب نفس سان جهاد ۽ دل جي اصلاح مؤمن جي زندگي جو اهم ترين حصو آهن. انسان کي گهرجي ته هو خوف ۽ اميد جي وچ ۾ توازن قائم رکي، جيئن نه مايوسي ۾ مبتلا ٿئي ۽ نه غفلت جو شڪار ٿئي. الله تعاليٰ سان سچي محبت ۽ اخلاص انسان جي نيتن ۽ عملن کي پاڪيزگي عطا ڪن ٿا. عاجزي اختيار ڪرڻ ۽ انا کان پاڪ زندگي گذارڻ سان انسان جي ڪردار ۾ نرمي ۽ روحانيت پيدا ٿئي ٿي. دنيا جي عارضي لالچن ۽ قيد کان آزادي حاصل ڪرڻ ئي حقيقي سڪون، قلبي سچائي ۽ الله جي ويجهڙائي جو ذريعو بڻجي ٿي. پروگرام ۾ ڪروڙين درودِ پاڪ ۽ ختم القرآن جا تحفا پيش ڪري عالمِ اسلام ۽ ملڪ پاڪستان لاءِ خصوصي دعائون پڻ گھريون ويون. تقريب ۾ سيد عبدالرحمان شاہ قلندري، محمد حنيف بوزدار، ابوبڪر هنگورو، اظهار احمد ڌونڪائي، عنايت حسين رند، ڊاڪٽر اياز رند، الهداد رند، خليفو ڌڻي بخش، شريف ڪپري، اعجاز ٽالپر ۽ اقرار علي رند پڻ شامل هئا.