Daily Sindh Best
News Paper and Media

ارلي چائلڊ هڊ ٽيچر جون آفر آرڊر نه ملڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ عورت اميدوارن جو احتجاج، ٻٽي پاليسي ختم ڪري خالي سيٽون ڀرڻ جو مطالبو

15

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي ۾ ارلي چائلڊ هڊ ٽيچر جي نوڪري لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ عورت اميدوارن طرفان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اميدوارن ريحانه سومرو ۽ اسمه ڇٽو ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته تعليم کاتي طرفان سموري سنڌ ۾ ارلي چائلڊ هڊ ٽيچر جي 1188 خالي پيل سيٽن تي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي سکر ذريعي گذريل 18 مئي تي ٽيسٽ ورتي وئي هئي، جنهن ۾ 5 هزار کان مٿي عورت اميدوارن حصو ورتو هو، جڏهن ته ٽيسٽ جي رزلٽ جاري ڪندي 585 اميدوار عورتن پاس ڄاڻايون ويون آهن، جڏهن ته 603 سيٽون اڃا به خالي پيل آهن، جنهن جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ٻٽي پاليسي اختيار ڪندي ارلي چائلڊهڊ ٽيچر جي پاس ٿيڻ لاءِ 55 سيڪڙو مارڪون مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ جونئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جي استادن جي ڀرتين لاءِ 33 کان 40 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، جنهن مان ثابت آهي ته تعليم کاتي سنڌ ۾ ڀرتين جي پاليسي هڪ نه آهي ۽ ٻٽي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. هنن چيو آءِ بي سکر پاران تعلقي سطح تي ميرٽ لسٽ به جاري ناهي ڪئي وئي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته تعلقي سطح تي لسٽون جاري ڪندي ارلي چائلڊ هڊ ٽيچر جي ڀرتين لاءِ 40 سيڪڙو مارڪون کڻدڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪيو وڃي ۽ 40 مارڪن وارن اميدوارن لاءِ ويٽنگ پيرڊ ۾ ٻه سال اضافو ڪرڻ سميت خالي پيل سڀئي سيٽون ظاهر ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.