ٽنڊو آدم پريس ڪلب جون سال 2026ع لاءِ چونڊون، رانا مختار صدر ۽ عاشق حسين ساند جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا
سانگھڙ ( رازق علي)
ٽنڊو آدم پريس ڪلب جي سال 2026ع لاءِ عھديدارن جي چونڊ لاء جنرل باڊي اجلاس چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي وسيم احمد فاروقي ۽ ڪاميٽي ميمبرن امداد راهي ۽ عمر فاروق قريشي جي نگراني ھيٺ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ متفقه طور تي رانا مختار کي صدر ۽ عاشق حسين ساند کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. اجلاس ۾ نائب صدر لاءِ رازق ڏنو ميريپوٽو، جوائنٽ سيڪريٽري لاء ملڪ احسان غوري، خزانچي لاءِ محمد سليمان ساند ۽ منور علي قريشي آفيس سيڪريٽري طور چونڊيا ويا. جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن طور وسيم فاروقي، امداد راھي، عمر فاروق قريشي ۽ جاويد مصطفىٰ کي چونڊيو ويو.گورننگ باڊي اجلاس دوران ميمبرن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئين انتظاميه پريس ڪلب جي بهتري، صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ پيشورانه ذميوارين جي ادائيگي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.