ڦلجي اسٽيشن (رپورٽر فراز سرور پنهور) مرحوم علي بخش عرف ڏاڏو جهتيال جي ياد ۾ شاھ عبداللطيف ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٽورنامينٽ جا رائونڊ 14 ۽ 15 کيڏيا ويا ، چئن ٽيمن ۾ چوٽي جو مقابلو ، شاندار بيٽنگ ۽ بالنگ جو مظاهرو ، پھرين ميچ اسد ٽائيگر اليون ۽ علي ھيروز اليون وچ ۾ کيڏي وئي اسد ٽائيگر اليون پھريون بيٽنگ ڪندي 08 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهيون جڏھن تہ علي ھيروز اليون ٽن رنس تان 18اورن ۾ آل آئوٽ ٿي وئي ، بهترين بيٽنگ عيوض مين آف دي ميچ علي خان پنھور قرار ٻئي پاسي ٻين ميچ شمشاد لائينس ۽ دلڪش اسٽار وچ ۾ کيڏي وئي ، دلڪش اسٽار اليون 20 اورن ۾ 07 وڪيٽن جي نقصان تي 249 رنس ٽارگيٽ ڏئي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو. جڏھن تہ شمشاد لائينس اليون 20 اورن فقط 188 رنسو ٺاهي آل آئوٽ ٿي ميچ هارائي ڇڏيو ۽ ھي رائونڊ ٽيم دلڪش اسٽار پھنجي نالي ڪيو ، 121 رنسون ٺاهيندڙ رانا ياسر راجپوت کي مين آف دي ميچ قرار ، اسپانسر جاويد علي ميڻو ، امتياز علي ڏاوڇ ،چيف آرگنائيزر عبدالوحيد جهتيال ، شفيق احمد ملڪ ، اسد علي پنھور، محمد ڪاشف ملڪ ، توفيق احمد پنھور ، ۽ ٻين پاران رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويا آھن جڏهن ته راند ڏسڻ اڄ به هزارين شائقين گرائونڊ تي پهچي لطف اندوز ٿيندا رهيا ۽ هنن مطالبو ڪيو شاه لطيف گرائونڊ کي راندين جو جديد سهولتون ڏنيون وڃن
Sign in
Sign in
Recover your password.
A password will be e-mailed to you.