خيرپور (ڊر) سنڌي غزلن جي ناليواري شاعر شاهن سمنگ جي سالگره تقريب خيرپور ۾ ٿي گذري تقريب ۾ فيملي ميمبر پاران شرڪت ڪئي، تقريب ۾ غلام شبیر سمنگ، محمد ساجن سمنگ، نويد احمد سمنگ، عبدالجبار، ساجد علي، ارشاد علي، مقصود احمد ظھير علي، نادر علي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنهن بعد شاھن سمنگ جي سالگرا جو ڪيڪ پڻ ڪاٽي ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شاهن سمنگ سنڌي غزل کي نئون لهجو، نيون سوچون ۽ گهري احساساتي رنگ ڏنو، جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو، اهڙيون تقريبون نون نسلن کي سنڌي ادب سان جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، شاھين سمنگ پنهنجي شاعريءَ وسيلي محبت، سماجي شعور، درد ۽ احساس کي انتهائي سادي ۽ اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو سندس سڃاڻپ بڻجي ويو آهي، شاھن سمنگ جي شاعري نوجوان نسل لاءِ راھ ڏيکاريندڙ آهي، جنهن سنڌي غزل کي نيون معنائون ڏنيون، سندس شاعري ۾ فڪر ۽ احساسن جو حسين ميلاپ موجود آهي.
Sign in
Sign in
Recover your password.
A password will be e-mailed to you.