Daily Sindh Best
News Paper and Media

بيان بازي ۽ مخالفت واري سياست سان ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ نقصان پھچي سگھي ٿو:سيد جاويد علي شاهه

6

احمدپور (رپورٽ امداد علي شر) پاڪستان پيپلز پارٽي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني چيو آھي تـ ملڪ کي ھن وقت معاشي ترقي جي ضرورت آھي بيان بازي ۽ مخالفت واري سياست سان ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ نقصان پھچي سگھي ٿو پاڪستان پيپلز پارٽي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني تعلقي ڪـنگري جي مختلف يوسين ۾ ڪارنر گڏجاڻين ـ مچ ڪچھري ۽ شادي دعوتن ۾ شرڪت ڪرڻ دوران اھڙن خيالن جو اظھار ڪيو ـ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني يوسي نورپور پھچي ڳوٺ بھار لاڙڪ ۾ سياسي سماجي اڳواڻ محمد پنھل لاڙڪ پاران ڪيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڳوٺ حسو ڪانھر پھچي وڏيري محمد يوسف ڪانھر جي پٽ ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ انور علي ڪانھر جي ڀاڻيجي جي شادي وليمي ۾ شرڪت ڪئي جڏھن تـ يوسي صدر جون ڀٽيون ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ بھلول اڄڻ پاران مچ ڪچھري ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني سان گڏ اڳوڻو ايم پي اي پير سيد بچل علي شاھ جيلاني ـ سينيٽر بئريسٽر ضمير حسين گھمرو ـ ايڊووڪيٽ شفيع محمد چانڊيو ـ ايڊوڪيٽ شرف الدين گھمرو ۽ ٻيا موجود ھئا

Leave A Reply

Your email address will not be published.